اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سوشل ميڊيا تي رياست مخالف مهم هلائيندڙن جي خلاف حڪومتي ڪريڪ ڊائون تيز ٿي ويو آهي. نجي چينل جي رپورٽ موجب معرڪه حق مهم جي دوران سوشل ميڊيا تي رياست مخالف پوسٽون ظاهر ٿيون جنهن تي اين سي سي آءِ اي ملوث ماڻهن تي هٿياربند فوج جي خلاف مواد پکيڙڻ جي الزام ۾ 52 ڪيسز داخل ڪيا. انويسٽيگيشن ايجنسي 9 مئي جي واقعن جي جاچ دوران پوليس جي مدد ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته شڪي ماڻهن جي ڊيجيٽيل رڪارڊ ۽ پراڻين پوسٽس جو تجزيو ڪري اهڙيون شاهديون گڏ ڪيون هيون جن جي بنياد تي لاهور، سرگودها ۽ ميانوالي ۾ ڪيترن ئي جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي. انهي کان علاوه آن لائن پليٽ فارمز جو غلط استعمال روڪڻ لاءِ ڪيتريون ئي جاچ ٽيمون جوڙيون ويون آهن جن جو مقصد غلط ڄاڻ کي پکيڙڻ کان اڳ ئي روڪڻ آهي.










