پاڪ افغان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ روس پاران ثالثي جي آڇ

پاڪ افغان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ روس پاران ثالثي جي آڇ

ماسڪو (ويب ڊيسڪ)ايران کان پوءِ روس به پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ثالثي جي آڇ ڪري ڇڏي، روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زخارووا هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ته خطي ۾ استحڪام روس ۽ عالمي برادري جي ترجيح آهي، روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاڪستان ۽ افغانستان کي اهم ڀائيوار قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ علائقائي سلامتي لاءِ خطرو آهي. ترجمان ماريا زخارووا چيو ته مفاهمت جون ڪوششون پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهن ٿيون.روسي پرڏيهي وزارت ڳالهين کي تڪرارن جو واحد پائيدار حل قرار ڏنو ۽ مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۽ افغانستان تحمل جو مظاهرو ڪن، ڳالهين ذريعي اختلافن کي حل ڪن، اهڙن عملن کان پاسو ڪن جيڪي تڪرار وڌائين ۽ ڳالهيون جاري رکن.

پهنجو تبصرو موڪليو