رنديپ هودا گهوڙي سواري دوران بيهوش، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل

رنديپ هودا گهوڙي سواري دوران بيهوش، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار رنديپ هوڊا گهوڙي سواري دوران بيهوش ٿي ويو، جنهن کان پوءِ کيس زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رنديپ هڪ پروفيشنل گهوڙي سوار آهي، جنهن وٽ گهوڙن جو پنهنجو اصطبل به آهي، پر اداڪار کي گهوڙي سواريءَ جي ڪري چڪر اچي ويو آهي. اداڪار کي ممبئي جي ڪوڪيلا بين ڌيرو ڀائي امباني اسپتال پهچايو ويو جتي سندس علاج هلندڙ آهي. رپورٽن مطابق ڊاڪٽرن رنديپ کي ڪجهه ڏينهن مڪمل آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رنديپ پنهنجي نئين پروجيڪٽ ”سوارڪر“ لاءِ 22 ڪلو وزن گهٽ ڪيو، جنهن جو خدشو آهي ته رنديپ جي گهوڙي تان گرڻ جو سبب اهو آهي. ۽ ايترو وزن گھٽائڻ کان پوءِ ممڪن آهي ته اداڪار جي گوڏن جي آس پاس جا عضوا ڪمزور ٿي ويا هجن، رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رنديپ هودا جو گوڏن ۽ ٽنگ ۾ گهوڙي تان ڪرنٽ لڳڻ سبب متاثر ٿيو هو، جنهن سبب کيس آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو هو. ان کان علاوه، اداڪار جي ٽنگ کي ٻيهر آپريشن ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو