راونتي (ن س)راونتي ڀرسان پلاند ۾ اغوا ٿيل 3 پوليس اهلڪار بازياب، اهلڪارن کي ڌاڙيل پِڪٽ تان مبينا اغوا ڪري ويا هئا،ذريعن موجب پوليس راڄوڻي وسيلي اهلڪارن کي بازياب ڪرايو آهي،بازياب ٿيل اهلڪارن ۾ باقر لوهار، ذوالفقار نائچ ۽ آر ار ايف اهلڪار بلال جٽ شامل آهن،ايس ايس پي گهوٽڪي موجب اهلڪار اغوا نه ٿيا، پر رستو ڀُلجي ويا هئا، هو هٿ اچي ويا آهن،ٻئي پاسي بلوچستان جي ڪيچ ضلعي مان اغوا ٿيل پنجاب واسي 5 پورهيتن جي بازيابيءَ جون ڪوششون جاري آهن.، پورهيتن کي گذريل ڏينهن ڪيچ جي علائقي ڊنڊار مان اغوا ڪيو ويو،ليويز اختيارين موجب 5 ئي پورهيت هڪ سرڪاري ٽيليڪام ڪمپني جو ٽاور لڳائڻ لاءِ ڊنڊار جي علائقي ۾ ويا هئا،گم ٿيل پورهيتن ۾ نذير احمد، محمد طارق، صفدر علي، فاروق ۽ حسنين شامل آهن، مغوي پورهيتن جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي










