راولپنڊي: عورت سان اجتماعي زيادتي جي الزام ۾ 3 ڄڻا گرفتار

راولپنڊي: عورت سان اجتماعي زيادتي جي الزام ۾ 3 ڄڻا گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ هڪ عورت سان ٿيل اجتماعي زيادتي ۾ ملوث 3 ماڻهن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي.روات پوليس اسٽيشن 29 مارچ تي ٿيندڙ جنسي زيادتي جي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو.پوليس موجب، جوابدار ڪار ۾ شاپنگ ڪرڻ واري عورت سان زيادتي ڪئي. واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪار پوليس جي تحويل ۾ آهي.ايف آءِ آر جي متن موجب، متاثره جي ماءُ چيو هو ته سندس ڌيءَ ڳوٺ کان روات بازار وڃڻ لاءِ وين ۾ سوار ٿي هئي. وين ڪنڊڪٽر دروازو بند ڪري گاڏي کي چڪ بيلي روڊ ڏانهن موڙي ڇڏيو.متن موجب، 4 جوابدارن هلندڙ ڪار ۾ ڌيءَ سان اجتماعي زيادتي ڪئي. جوابدار ڌيءَ سان ٿيندڙ زيادتي جون وڊيوز به ٺاهيندا رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو