راول ڊيم ۾ روزانو 9 ملين گيلن گندو پاڻي وڃي پيو: شيري

راول ڊيم ۾ روزانو 9 ملين گيلن گندو پاڻي وڃي پيو: شيري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ ٿيو.اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ راول ڊيم ۾ آلودگي جو معاملو غور هيٺ آيو.شيري رحمان چيو ته روزانو 9 ملين گيلن سيوريج راول ڊيم ۾ وڃي رهيو آهي، اسان راول ڊيم مان گندو پاڻي پي رهيا آهيون، اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته لوڪل گورنمينٽ ڪيئن ڪم ڪري رهي آهي.هن سوال ڪيو ته پلانٽ جو ٺيڪو ٻاهرين ڪمپني کي ڇو ڏنو پيو وڃي. پاڻي جي آلودگي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا مقامي سطح تي ڪم ڪري ٿي.شيري رحمان چيو ته راول ڊيم جي سيوريج جي انتظام لاءِ مقامي ڪمپنين کي ترجيح ڏني وڃي، پرڏيهي ڪمپنيون ۽ صلاحڪار منصوبو مڪمل ڪرڻ کانسواءِ هليا ويندا. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ اوهان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آڏو جوابدهي ڪندا.ماحولياتي تحفظ واري اداري جي عملدارن جو چوڻ هو ته راول ڊيم ۾ تعميراتي ڪم جاري آهي، اسان کان ڪا به اجازت ناهي ورتي وئي، مندر ڀرسان وڻ ڪٽيا ويا آهن.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڻ راول ڊيم جو دورو ڪندي.سينيٽر شهادت اعواڻ جو پاڪستان ٽريڊ ڪنٽرول فار وائلڊ لائيف اينڊ فلورا ترميمي بل به منظور ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو