ذوالفقار ڀٽو کي فيئر ٽرائل نه مليو،سپريم ڪورٽ جي راءِ

ذوالفقار ڀٽو کي فيئر ٽرائل نه مليو،سپريم ڪورٽ جي راءِ

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر ) ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته ذوالفقار ڀٽو کي فيئر ٽرائل ناهي ڪيو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدارتي ريفرنس تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو به عدالت ۾ موجود هو.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڀٽو صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ متفقه آهي، اسان جج قانون موجب فيصلو ڪرڻ جا پابند آهيون.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته عدليه ۾ خود احتسابي ٿيڻ گهرجي، ذوالفقار ڀٽو کي فيئر ٽرائل جو موقعو نه مليو، صدر ريفرنس داخل ڪري ڀٽو فيصلي کي ڏسڻ جو موقعو ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو