ديامر ۾ سيلابي ريلن سبب تباهي، گهر، رابطا پل تباهه

ديامر ۾ سيلابي ريلن سبب تباهي، گهر، رابطا پل تباهه

ديامر (ويب ڊيسڪ) ديامر ۾ گذريل رات مختلف وادين ۾ سيلابي ريلن وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي.مقامي پوليس موجب، سيلابي ريلن سبب ڪيترائي گهر، وڻ، فصل، رابطا پل، پن چڪيون ۽ واٽر چينلز (پاڻي جا لنگهه) تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته شاهراهه قراقرم تي به مختلف هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ (مٽي جا ڍير ڪرڻ) جو سلسلو ٿيو آهي. چلاس ۾ گونر فارم نرسري ويجهو سيلابي ريلو اچڻ بعد شاهراهه قراقرم رات کان وٺي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. شاهراهه قراقرم بند ٿيڻ جي ڪري سڙڪ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن. رپورٽن موجب، ڦاٿل مسافرن ۾ ٻار، عورتون ۽ بزرگ به شامل آهن، جن کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. مسافرن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته شاهراهه قراقرم کي فوري طور تي ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيو وڃي. متاثر ٿيل علائقن ۾ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ سڙڪن توڙي پلون جي بحاليءَ لاءِ لاڳاپيل ادارن پاران ڪارروائيون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو