نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري)دوڙ ڀرسان سٺ ميل روڊ سم ناليَ وٽ رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مورو جو رهواسي اٺ سالا رحمان آرائين ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس پيءُ امداد آرائين سخت زخمي ٿي پيو. جن کي دوڙ اسپتال آندو ويو آهي. جتي زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فوتي ۽ زخمي مورو جا رهواسي آهن جيڪي دوڙ ڀرسان ڳوٺ ٻائي جي ڳوٺ ۾ عزيزن وٽ عيد ملڻ پئي آيا ته سم نالي وٽ حادثو پيش اچي ويو.










