دهشتگردي کي شڪست ڏئي هر حال ۾ امن بحال ڪنداسين

دهشتگردي کي شڪست ڏئي هر حال ۾ امن بحال ڪنداسين

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته ايمان، حوصلي ۽ ارادي سان دهشتگردي کي شڪست ڏئي صوبي ۾ هر حال ۾ امن کي بحال ڪنداسين. پوليس فورس ۽ سول آفيسرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته موجوده حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، خيبرپختونخواهه 4 ڏهاڪن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پوليس گهٽ وسيلن جي باوجود 21 سال دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو، دهشتگردي جي خلاف قربانين تي پوري قوم کي ناز آهي. هن چيو ته جنهن جوانمردي سان پوليس دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهي آهي اهو تعريف جوڳو عمل آهي. الله تعاليٰ جي رضا ۽ عوام جي مفاد لاءِ وڙهنداسين ته انشاءَالله سوڀ اسان جي ٿيندي.سهيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هر حال ۾ امن بحال ڪنداسين، پوليس لاءِ بلٽ پروف گاڏيون، جديد هٿيار ۽ اينٽي ڊرون سسٽم فراهم ڪيو پيو وڃي، پوليس کي هنگامي بنيادن تي جديد ترين ٽيڪنالاجي سان جوڙيو پيو وڃي. وسيلن جي گهٽتائي کي سيڪيورٽي جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجڻ نه ڏينداسين ايمان، حوصلي ۽ ارادن سان دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته آفيسرن جي معاملن ۾ ڪابه سياسي مداخلت برداشت نه ڪنداسين، ڪنهن به صورت ۾ رزلٽ ڏيڻو پوندو. ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس آهي ڪنهن کي ڪابه رعايت نه هوندي. سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي پرفارمنس انڊيڪيٽرز سان ناپي ويندي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته جن ماڻهن جو ڪم انصاف ڏيڻ هوندو آهي اهي اهو ڪم نه پيا ڪري سگهن جنهن سان شيون خراب ٿينديون آهن. اسان کي پي ٽي آءِ باني جي وزن موجب عوام کي رليف ڏيڻو آهي اسان کي عوام جي لاءِ ئي فيصلو ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو