اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪري ورتي. اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ايمان مزاري جي 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. انساني حقن جي وڪيل ايمان مزاري تي پشٽون تحفظ موومينٽ جي ترنول ۾ ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي رياست مخالف تقرير ڪئي هئي. هن کي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هڪ ڪيس مان ضمانت بعد کيس ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويندو هو. سندس والده ضمانت بعد وٺڻ پهچي وئي. ياد رهي ته ايمان مزاري عدالت م پيشي وقت به نعرا هنيا هئا ته يه جو دهشتگردي هي اس ڪي پيچهي وردي هي.










