اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) حڪومت قومي اسيمبلي ۾ اينٽي ٽيررازم ايڪٽ 1997 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير دهشتگردي ٽوڙ ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي کي وڌيڪ ڪاروائي لاءِ موڪليو ويو. دهشتگردي ٽوڙ ترميمي بل غور لاءِ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. بل موجب ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا، ڀتا خوري ۽ ٻين ڪيسن ۾ جوابدارن کي 3 مهينن بدران 6 مهينا نظربند رکي سگهبو. ان کانسواءِ بل تحت ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا، ڀتا خوري ۽ ٻين شڪايتن جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙي ويندي، جنهن ۾ هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار شامل هوندا، قانون 2 سالن تائين لاڳو رهندو. قانون واري وفاقي وزير سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس 2024 به قومي اسمبلي ۾ پيش ڪيو، جيڪو پڻ ڪميٽي کي ريفر ڪيو ويو. ٻئي پاسي قومي اسمبلي ۾ تحريڪ انصاف پاران ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا شامل ڪرڻ خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي قانون واري وزير چيو ته اي سي ايل هجي يا پراونشل نيشنل آئڊنٽيفڪيشن لسٽ (پي اين آءِ ايل) ۾ نالا شامل ڪرڻ ۽ خارج ڪرڻ لاءِ قانون ۽ رولز موجود آهن. ان بابت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جا فيصلا موجود آهن. هن چيو ته مونکي وقت ڏيو لسٽ جي اسڪروٽني ڪري تفصيلي جواب پيش ڪندس. پي ٽي آءِ پاران هن قانون ۾ ترميم جي تناظر ۾ چيو ته اسين ٻين لاءِ کڏ کوٽيندا آهيون ۽ پوءِ پاڻ ئي ان ۾ ڪرندا آهيون.










