دهشتگردن سان گڏ قيد ڪيو ويو، علاج نه ٿو ڪرايو وڃي: حليم عادل

دهشتگردن سان گڏ قيد ڪيو ويو، علاج نه ٿو ڪرايو وڃي: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر)ملير جي عدالت ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي گڏاپ ۾ سرڪاري زمين تي قبضي خلاف داخل درخواست تي رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو، حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته اسان کي ٻڌو وڃي، عدالت وڪيل جي استدعا منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين منظور ڪري ڇڏي آهي، ان موقعي حليم عادل شيخ چيو ته مون کي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ تي جيل موڪليو آهي، منهنجي ٽنگ جو آپريشن ٿيو آهي، گذريل ڏينهن عدالت جو حڪم هجڻ باوجود منهنجو ميڊيڪل نه ڪرايو ويو آهي، جيل ۾ دهشتگردن سان گڏ رکيو ويو آهي، مون کي فيملي سان ملڻ جي اجازت نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو