نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي آفيس آن ڊرگس اينڊ ڪرائم جو چوڻ آهي ته افغانستان دنيا ۾ منشيات جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.گڏيل قومن جي آفيس آن ڊرگس اينڊ ڪرائم جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اپيٽس انتهاپسند ۽ ڏوهاري گروهن جي آمدني ۾ اربين ڊالرن جو وڏو ذريعو آهي.رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته افغانستان مان حاصل ٿيندڙ آفيم دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ ماڻهن جي صحت ۽ خوشحالي لاءِ خطرو آهي.رپورٽ موجب آفيم جو واپار افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي کي متاثر ڪري رهيو آهي.رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته افغانستان ۾ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو منشيات جا عادي آهن.گڏيل قومن جي آفيس آن ڊرگس اينڊ ڪرائم جي رپورٽ موجب افغانستان ۾ 2022ع کان وٺي آفيم جي پيداوار ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب افغانستان ۾ آفيم جو وڪرو 425 ملين ڊالرن مان وڌي 1.4 ملين ڊالر ٿي ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب افغانستان ۾ 233000 هيڪٽرن کان وڌيڪ زمين تي آفيم جي پوک ڪئي ويندي آهي.گڏيل قومن جي آفيس آن ڊرگس اينڊ ڪرائم موجب عالمي مارڪيٽ ۾ 80 سيڪڙو آفيم افغانستان مان اسمگل ٿيندي آهي.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ آفيم نمروز، قنڌار، هلمند، اروزگان ۽ زابل ۾ پوکي ويندي آهي.










