ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي سوئيڊن حڪومت جي اقدام تي قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته هر مذهب رواداري، مذهبي آزادي ۽ هڪٻئي جي ڪتاب جي احترام جو درس ڏئي ٿو. سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي سڄي دنيا جي مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙي واقعي جي حڪومت سميت هر ماڻهو سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ان واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف فوري ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي آهي، پر سوئيڊن جي حڪومت اڃا تائين ان ناقابل برداشت واقعي جي مذمت نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ان تي معافي گهري آهي، هي رويو ناقابل برداشت آهي، هن چيو ته ان واقعي خلاف سمورا ماڻهو هڪ پيج تي آهن ۽ هر ڪو ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. .هن چيو ته هندو برادري پاران قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ۽ سنڌ حڪومت پاران سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي.










