دعا جو والد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ پهچي ويو

دعا جو والد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)دعا زهرا جي والد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. درخواست ۾ دعا زهرا جي والد مهدي ڪاظمي موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 8 جون 2022 تي دعا زهرا کي پاڻمرادو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اهو فيصلو دعا زهرا جي بيان ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي بنياد تي ٻڌايو ويو.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دعا زهرا جي عمر 17 سال آهي جڏهن ته نادرا جي رڪارڊ ۽ تعليمي سند موجب دعا زهرا جي عمر 14 سال آهي.دعا جي والد مهدي ڪاظمي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ غلطي آهي، درخواست تي فوري ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو