اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت جا ڪجهه وزير وزيراعظم جي مدد ڪرڻ بدران سندس ڪم ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن.
چيئرمين بلاول چيو ته هن ٻه ڀيرا شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊڻ لاءِ ووٽ ڏنو آهي، جيڪو هميشه اتحادين ۽ مخالف ڌر سان تعميري رابطن جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته موجوده سياسي حالتن ۽ ملڪ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي سڀني سياسي پارٽين کي متحد ٿي مسئلن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. اهو پاڪستاني عوام لاءِ موجود موقعن مان فائدو وٺڻ لاءِ ضروري آهي. پر ڪجهه وزير اهڙا بيان ۽ مشورا ڏين ٿا، جيڪي هن ڪوشش کي ڏکيو بڻائين ٿا.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪو به ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهي ته موجوده حڪومت ۽ سياسي پارٽين آزاد ڪشمير جي مسئلن جو سياسي حل ڳولڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. پر هن سوال اٿاريو ته وفاقي ڪابينا ۾ اهڙو وزير ڇو موجود آهي، جنهن چيو هو ته راولاڪوٽ جا ماڻهو ڪشميري ناهن. بلاول چيو: “اسان اهڙن بيانن کي ڪيئن برداشت ڪري سگهون ٿا، خاص طور تي جڏهن اهي ڪنهن سينيئر سياستدان ۽ ملڪ جي دفاع واري وزير طرفان ڏنا وڃن؟”
هن چيو ته ڪشمير ۾ احتجاجن دوران ڏنل بيانن تي تنقيد جائز آهي، پر اهي بيان ڏيندڙ نه ته سرڪاري عهدن تي آهن ۽ نه ئي اسيمبلي جا ميمبر آهن. “پوءِ جڏهن اهڙا بيان هڪ وفاقي وزير ڏئي، ته اسان ان کي ڪيئن جائز قرار ڏئي سگهون ٿا؟” هن سوال ڪيو.
چيئرمين بلاول چيو ته هو رانا ثناءُ الله جو احترام ڪري ٿو ۽ نواز شريف جي ڪشمير سان لاڳاپن کان به واقف آهي. پر هن چيو ته ڪشمير جي پنهنجي سياسي ۽ مقامي مسئلن سان گڏ ڪجهه وفاقي وزيرن جا بيان به ڇڪتاڻ وڌائڻ جو سبب بڻيا آهن.
هن هڪ وفاقي وزير جي ڪشمير جي چونڊن بابت بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته وزير دعويٰ ڪئي هئي ته “12 سيٽون اسان جي کيسي ۾ آهن.” بلاول چيو ته اهڙن بيانن ڪشمير ۾ انتشار پيدا ڪرڻ چاهيندڙن کي جواز فراهم ڪيو ۽ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو.
چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته ذميواري رڳو وفاقي حڪومت تي نٿي اچي، ۽ شايد پيپلز پارٽي جي مختصر دور حڪومت دوران به ڪجهه غلطيون ٿيون هجن. پر هاڻي اهو وقت ناهي جو حڪومت اهڙو رويو اختيار ڪري، جيڪو سياسي حل جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي.
هن چيو ته هڪ اتحادي جي حيثيت سان سندس مشورو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي موقعو ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي تجويز موجب احتجاج ڪندڙن، وفاقي حڪومت ۽ آزاد ڪشمير حڪومت سان رابطو ڪري هڪ پائيدار حل تيار ڪري سگهي.
چيئرمين بلاول چيو ته وزيراعظم وٽ مڪمل اختيار هئڻ گهرجن ته هو پنهنجي ٽيم کي ڪنٽرول ڪري سگهي. جيڪڏهن وزير مسلسل اهڙا بيان ڏيندا رهندا جيڪي وزيراعظم جي پاليسي سان مطابقت نه رکندا هجن ته ان سان رڳو وڌيڪ رڪاوٽون پيدا ٿينديون.
ايم ڪيو ايم ڏانهن اشارو ڪندي هن چيو ته انهن جو اصل مسئلو پيپلز پارٽي سان ناهي، پر سندن پنهنجي ڪابينا جا ساٿي سندن خلاف سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهي ڄاڻي واڻي اوهان کي گمراهه ڪري رهيا آهن ۽ اوهان کي پنهنجا حق ڏيارڻ بدران سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي خلاف آمهون سامهون ڪرڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته تنقيد ڪرڻ انهن جو حق آهي، پر پوءِ کين وزيراعظم ۽ پنهنجي حڪومتي ساٿين تي به تنقيد ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت سندن مطالبا پورا نٿي ڪري ته پوءِ کين حڪومت ڇڏڻ گهرجي. هن سوال ڪيو: “ڪراچي وڌيڪ اهم آهي يا اهي سيٽون؟”
چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته جيستائين مڪاني حڪومتن جي نظام جو تعلق آهي، اهو رڳو پيپلز پارٽي جي حڪومتن هيٺ فعال رهيو آهي. هن چيو ته مسلسم ليگ (ن) جي حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان ڊڄي رهي آهي ۽ هڪ يونين ڪائونسل جي چونڊ ڪرائڻ لاءِ به تيار ناهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي اسلام آباد هجي يا ملڪ جو ڪو ٻيو حصو، هر هنڌ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي. بلاول مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ 90 ڏينهن کان گهٽ عرصي اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ۽ اسلام آباد جي ميئر کي ايترا اختيار ڏنا وڃن جو ٻيا به ان جي معاشي ۽ انتظامي اختيارن مان متاثر ٿين.
هن چيو ته ائين نه ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته مڪاني ادارن جو نظام رڳو ڪراچي جي معزز ميمبرن کي “لالي پاپ” ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته مڪاني ادارن جو جواز رڳو اسان کي پاڻ ۾ وڙهائڻ لاءِ پيش ڪيو وڃي ٿو.
چيئرمين بلاول مطالبو ڪيو ته ڪنهن به آئيني ترميم کان اڳ، اسلام آباد ۽ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ وڃي رهي آهي ۽ اتي به 90 ڏينهن اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي.
آخر ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي وقت سياسي اختلافن تي ڌيان ڏيڻ جو نه، پر ملڪ کي درپيش مسئلن کي گڏجي منهن ڏيڻ جو آهي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته عاشوري کان اڳ بجيٽ جي منظوري وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اسيمبلي ميمبرن کي ان موقعي تي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃڻو پوندو.










