خانپورمهر ، واهن، مائنرن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب احتجاج

خانپورمهر ، واهن، مائنرن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب احتجاج

خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال) تعلقي خانڳڙهه ۽ خانپورمهر جي مختلف واهن، مائنرن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب زرعي سرگرميون سخت متاثر ٿيڻ لڳيون آهن، جنهن ڪري آبادگارن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي. بمبلي واھ، مٺڙي مائنر، بخاري مائنر، لٺ مائنر، مبارڪپور مائنر، مهر واھ ۽ ٻين ڪيترين ئي شاخن ۾ پاڻي جي اڻاٺ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪڻ لڳا آهن. آبادگارن الزام هنيو آهي ته ڪجهه بااثر ماڻهن بمبلي واھ، قاضي واھ ۽ مسو واھ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب پاڻي جو وهڪرو متاثر ٿيو آهي ۽ پڇڙي وارن علائقن جي آبادگارن تائين پاڻي نه پيو پهچي. آبادگارن موجب پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ سبب سندن فصل سخت متاثر ٿي رهيا آهن ۽ لکين رپين جي نقصان جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ قاضي واھ جي آر ڊي 70 وٽان نڪرندڙ مٺڙي مائنر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن گل حسن بنگلاڻي، مجيد گڏاڻي، وحيد انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين آبپاشي کاتي خلاف نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته آبپاشي عملدار پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن سبب شاخن جي پڇڙي وارن آبادگارن کي سندن حصي جو پاڻي نٿو ملي. هنن چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي نه هجڻ ڪري ڪپهه، ڪمند، ڀاڄين ۽ ٻين فصلن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي، جڏهن ته مالوند به سخت پريشان آهن. ٻئي طرف بمبلي مائينر ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن گهوٽڪي جي صدر شاھنواز وسير پنهنجي وڪيل ساٿين نور محمد سيال، علي بخش مهر، محمد يوسف مهر، زين العابدين مهر، سعيد احمد ڌاريجو ۽ ممتاز آرائين سان گڏ سيڊا ڊائريڪٽر گهوٽڪي عديل احمد سومرو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وڪيلن بمبلي مائينر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ۽ آبادگارن کي درپيش مسئلن بابت آگاهي ڏني، جنهن تي سيڊا ڊائريڪٽر ڪنسرنٽ سب انجنيئر معظم لوھار کي هدايت ڪئي ته بمبلي مائينر ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وڪيل اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته اختيارين جي مداخلت کان پوءِ پاڻي جي کوٽ ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي ايندي ۽ آبادگارن کي رليف ملندو. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بمبلي واھ، قاضي واھ ۽ مسو واھ تي بند ڪيل دروازا فوري طور کوليا وڃن، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پاڻي چوري يا غيرقانوني ورڇ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن سنڌ جي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر، سيڪريٽري آبپاشي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان اپيل ڪئي ته فوري نوٽيس وٺي متاثر آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو