خانپور (ويب ڊيسڪ) خانپور ڊيم ۾ دوست کي بچائيندي 2 نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب، اهو واقعو خانپور ڊيم ۾ پيش آيو، جتي 3 دوست وهنجڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ لٿا. ان دوران هڪ نوجوان گهري پاڻيءَ ۾ هليو ويو، جنهن کي بچائڻ لاءِ سندس ٻئي دوست به پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي پيا.پر پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۽ گهرائيءَ سبب ٽئي ڄڻا ٻڏي ويا.ريسڪيو ٽيم ڪارروائي ڪندي 2 نوجوانن جا لاش ڪڍي ورتا آهن، جڏهن ته ٽئين دوست کي پاڻيءَ مان زندهه ڪڍي ڳڻتي جوگي حالت ۾ خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، شيخوپوره ۾ اپر چناب نهر ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش 4 ڏينهن کانپوءِ ملي ويو آهي. 18 سالن جو تصور علي وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو هو.










