خانپورمهر (رپورٽ :آفتاب سيال) ويجهو ڳوٺ قائم مهر ۾ زمين جي تڪرار تان مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻنهي ڌرين جا عورت سميت 8 ڄڻا زخمي، جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب هڪ ڌر جا 6 ڄڻا جڏهن ته ٻي ڌر جا 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي خانپورمهر ٿاڻي تان علاج لاءِ ليٽر ملڻ بعد خانپورمهر جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ هڪ ڌر جا حضور بخش مهر، جان محمد مهر، عبدالڪريم، شوڪت مهر ،غلام رسول ۽ مائي سوڍي شامل آهن، جڏهن ته ٻي ڌر جا محمد ابراهيم مهر ۽ عبدالرئوف مهر شامل آهن، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي زخمين کي علاج لاءِ ليٽر ڏيئي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي..










