خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو

خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري ڇنڇر ڏينهن چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي اسپتال منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته مخالف ڌر اڳوڻي وزيراعظم جي صحت بابت خدشن تي پارليامينٽ هائوس ٻاهران پنهنجو ڌرڻو جاري رکيو آهي.
ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ پارلياماني معاملن جي وزير چيو: “عمران خان کي پنهنجي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ جي سهولت ڏني وئي آهي ۽ سندس صحت کي نظر ۾ رکندي کيس اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.”
هن چيو ته “حڪومت انسانيت ۽ قانوني تقاضائن کي ترجيح ڏئي ٿي. هر قيدي کي قانون موجب سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته “صحت جهڙي حساس معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. پي ٽي آءِ کي بي بنياد پروپيگنڊا ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي. هن معاملي کي سياسي بڻائڻ بدران قومي سنجيدگي ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو وڃي.”
چوڌري کان ٿوري دير اڳ، اطلاعات واري وزير عطاءَالله تارڙ چيو ته عمران جو وڌيڪ طبي علاج اکين جي ماهرن طرفان هڪ خصوصي طبي اداري ۾ ڪيو ويندو.
هن چيو: “عمران خان جي جاري اکين جي علاج جي تسلسل ۾ وڌيڪ چڪاس ۽ علاج هڪ خصوصي طبي سهولت ۾ بهترين ماهر ڊاڪٽرن طرفان ڪيو ويندو.”
“ان جي تفصيلي رپورٽ پڻ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي. قياس آرائين، افواهن ۽ هن معاملي کي سياسي بيان بازي يا ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.”
هي پيش رفت ان وقت سامهون آئي جڏهن پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان (ٽي ٽي اي پي) جي بينرن هيٺ مخالف ڌر جا پارلياماني ميمبر ڇنڇر ڏينهن به اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۽ ڪي پي هائوس ٻاهران ٻئي ڏينهن لاءِ ڌرڻو جاري رکيو ويٺا هئا، هو مطالبو ڪن ٿا ته عمران خان کي فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو وڃي.
ڌرڻي جو اعلان ان کان پوءِ ڪيو ويو جڏهن خميس ڏينهن سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته عمران جي ساڄي اک ۾ رڳو 15 سيڪڙو نظر باقي رهي آهي، جنهن تي پارٽي طرفان سخت ردعمل ڏنو ويو.
احتجاج جي اڳواڻي ٽي ٽي اي پي چيئرمين محمود خان اچڪزئي ۽ ٻيا اهم اڳواڻ ڪري رهيا آهن، جن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان، سينيٽر علي ظفر، اسد قيصر ۽ جنيد اڪبر شامل آهن.
پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته کين آگاهي ڏني وئي آهي ته عمران ۽ سندس پٽن وچ ۾ فون ڪال ڪرائي وئي آهي ۽ کيس شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ “رضامندي” ظاهر ڪئي وئي آهي.
هن سوال ڪيو: “جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ دير ڇو؟” هن چيو ته دير پارٽي ۽ ڪارڪنن جي “غصي” سان سڌو لاڳاپيل آهي.
‘پارليامينٽ کي جيل بڻايو ويو’
سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو ته پارليامينٽ هائوس کي “جيل” بڻايو ويو آهي. هن چيوته “اسين ڪالهه کان پارليامينٽ اندر آهيون. ٻاهر وڃڻ چاهيو پر سڀ دروازا بند هئا. پارليامينٽ ۽ ان جا احاطا جيل بڻايا ويا آهن، جيڪو مذمت جوڳو آهي.”
هن وڌيڪ چيو: “اسين هٿياربند ناهيون. اسان وٽ رڳو اخلاقي قوت ۽ سچ جي طاقت آهي.” پي ٽي آءِ اڳواڻن الزام لڳايو ته کين اندر بند رکيو ويو آهي ۽ پارليامينٽ لاجز ۽ ڪي پي هائوس ڏانهن ويندڙ رستا به بند ڪيا ويا آهن. ڪجهه اڳواڻن دعويٰ ڪئي ته پوليس رات جي ماني ۽ صبح جو ناشتو اندر آڻڻ نه ڏنو.
ٽي ٽي اي پي ترجمان اخوندزاده حسين احمد يوسفزئي چيو ته ڌرڻو جاري رهندو جيستائين سندن مطالبا قبول نه ٿين.
جي يو آءِ (ف) جي ترجمان اسلم غوري پارليامينٽ ٻاهران احتجاج خلاف مبينا تشدد جي مذمت ڪئي ۽ گرفتار اڳواڻن جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو.
نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽي ٽي اي پي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر ۽ ٻين اڳواڻن حڪومت کي خبردار ڪيو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ کان اڳ قدم کنيا وڃن، ۽ عمران کي فوري طور اسپتال منتقل ڪري سندس خاندان کي رسائي ڏني وڃي.
صحافين سان مبينا بدسلوڪي
پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن پاڪستان (پي آر اي پي) جي صدر ايم بي سومرو پارليامينٽ هائوس تي جاري ڌرڻي جي ڪوريج دوران صحافين کي پيش آيل رڪاوٽن ۽ بدسلوڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته صحافين کي مڪمل رسائي ڏني وڃي.
ڪي پي وزيراعليٰ جي اپيل
خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي ٻين هنڌن تي احتجاج ڪندڙن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو: “عمران خان صاحب جي صحت سياست کان وڌيڪ اهم آهي. سندس صحت تي مان سياست نه ڪندس ۽ نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏيندس.”
هن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به اشتعال انگيز عنصر کان هوشيار رهن ۽ رڳو تصديق ٿيل معلومات تي ڀروسو ڪن.
عليمه خانم جو بيان
عمران جي ڀيڻ عليمه خانم سپريم ڪورٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته لکيل حڪم جاري ٿيڻ گهرجي ها ته عمران کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي ۽ ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ فوري علاج ڪيو وڃي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب خان پڻ مطالبو ڪيو ته عمران خان کي فوري طور مستند ڊاڪٽرن ۽ طبي سهولتن تائين رسائي ڏني وڃي ته جيئن سندس اک جي نظر بچائي سگهجي. هن چيو: “هر لمحو دير ڪرڻ ڏوهي عمل آهي.”

پهنجو تبصرو موڪليو