خان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي، مدعي مئجسٽريٽ ۽ پوليس کي نوٽيس

خان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي، مدعي مئجسٽريٽ ۽ پوليس کي نوٽيس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فوجي ادارن جي آفيسرن خلاف تقريرن واري معاملي تي چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان خلاف داخل ڪيس ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي مدعي ۽ پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي برطرفي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي مدعي جي علائقي جي مئجسٽريٽ کي ذاتي حيثيت ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري درخواست ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ايف آءِ آر جي ڪارروائي يا عمل کي روڪيو وڃي.چيف جسٽس عامر فاروق جواب ڏنو ته پاڻ نوٽيس ڏنو آهي، جواب اچڻ ڏيو پوءِ ڏسنداسين.وڪيل فيصل چوڌري چيو ته عدالتي فيصلي تي بحث ڪرڻ چاهيان ٿو، لاهور ڪيس جو ڪيس اسلام آباد ۾ داخل آهي، واقعو ڪراچي ۾ ٿئي ٿو ۽ ڪيس ٻئي هنڌ داخل ٿئي ٿو.عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو