خان في الحال جيل ۾ رهندو، شهباز حڪومت 18 مهينا هلندي، فڄ

خان في الحال جيل ۾ رهندو، شهباز حڪومت 18 مهينا هلندي، فڄ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اقتصادي ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان ويجهي مستقبل ۾ جيل ۾ ئي رهندو ۽ پاڪستان جي موجوده مسلم ليگي حڪومت 18 مهينن تائين قائم هلي سگهي ٿي. فچ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح هن مالي سال جي آخر تائين گهٽجي سگهي ٿي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان هلندڙ مالي سال جي آخر تائين وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. فچ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي آخر تائين اسٽيٽ بئنڪ طرفان وياج جي شرح کي 14 سيڪڙو تائين آڻڻ جو امڪان آهي، حڪومت پاڪستان جي بجيٽ ۾ سڀ کان مشڪل معاشي هدف مقرر ڪيا آهن. فچ جي رپورٽ موجب پاڪستان حڪومت جا ڏکيا معاشي فيصلا آءِ ايم ايف سان پروگرام جي راهه هموار ڪري رهيا آهن. فچ جو چوڻ آهي ته آزاد اميدوارن پاڪستان جي فيبروري جي چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪاميابي حاصل ڪندڙ آزاد اميدوار کي جيل ۾ بند باني پي ٽي آءِ جي حمايت حاصل آهي، ۽ پاڪستان جي شهرن ۾ احتجاج معاشي سرگرميون متاثر ڪري سگهن ٿا. فچ وڌيڪ اڳڪٿي ڪئي ته موجوده حڪومت سمورا معاشي سڌارا آءِ ايم ايف جي سهڪار سان ڪندي ۽ موجوده حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ايندي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز چيو هو ته نئون انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام پاڪستان لاءِ فنڊنگ جا امڪان بهتر ڪندو. موڊيز موجب، پاڪستان جي خارجي پوزيشن اڃا به نازڪ آهي، اعليٰ پرڏيهي مالياتي ضرورتن سبب ايندڙ 3-5 سالن ۾ پاليسي چئلينجز، ڪمزور گورننس ۽ اعليٰ سماجي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جيڪي حڪومت جي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو