خان جي معائني ۽ علاج بابت نورين پاران اطمينان ظاهر

خان جي معائني ۽ علاج بابت نورين پاران اطمينان ظاهر

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)قيد ۾ موجود پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ جي حوالي سان سندس ڀيڻ نورين خانم تصديق ڪئي آهي ته باني جي اک جي نظر بهتر ٿي رهي آهي۽ سندس اک جي چوڌاري سوڄ پڻ گهٽ ٿي وئي آهي.
هن البته چيو ته عمران جي نظر بابت خدشا اڃا به “برقرار” آهن ۽ مطالبو ڪيو ته سندس علاج شفاف نموني سندس ذاتي ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ ڪيو وڃي.
12 فيبروري تي عمران دعويٰ ڪئي هئي ته سندس ساڄي اک جي نظر رڳو 15 سيڪڙو باقي رهي آهي، جنهن کان پوءِسپريم ڪورٽ طبي ٽيم ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن سندس معائنو ڪيو وڃي. عدالت حڪم ڏنو هوته اکين جو معائنو 16 فيبروري (سومر) کان اڳ ڪيو وڃي.
سوشل ميڊيا پليٽفارم X تي هڪ پوسٽ ۾نورين تصديق ڪئي ته پارٽي باني آچر تي ڊاڪٽرن کان اکين جو معائنو ڪرايو ۽ چيو ته هينئر تائين “ڪا وڏي پيچيدگي” سامهون ناهي آئي.
آچر واري طبي معائني بابت وڌيڪ ٻڌائيندي نورين چيو ته اکين جي جاچ لاءِ سليٽ ليمپ، او سي ٽي اسڪين مشين ۽ مڪمل سهولتن سان ليس ايمبولينس اڊيالا جيل آندي وئي.
عمران جي ڀيڻ موجب، پمز مان ڊاڪٽر عارف ۽الشفا ٽرسٽ اسپتال مان ڊاڪٽر نديم قريشي جيل جي احاطي اندر معائنو ڪيو.
“ان کان پوءِ هنن پنهنجا نتيجا سينيئر ڊاڪٽرن سان شيئرڪيا، جن ۾ ڊاڪٽر عاصم يوسف ۽ ڊاڪٽر مرزا شامل هئا، جيڪي ڪانفرنس ڪال ذريعي شامل ٿيا. بئريسٽر گوهر کي به سمورين اڳڀرائين بابت آگاهه رکيو ويو آهي.”
نورين چيو ته شفاانٽرنيشنل اسپتال جا ڊاڪٽر اڃا به محتاط آهن. “هنن چيو ته جيتوڻيڪ اڳ ۾ چيو ويو هو ته عمران خان کي شفا منتقل ڪيو ويندو، پر کيس اتي منتقل نه ڪيو ويو.”
وڌيڪ تفصيل ڏيندي پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ چيو ته ميڊيڪل سهولت جا ريٽينا ماهر، جن ۾ ڊاڪٽر عامر اعواڻ شامل آهن، دير رات تائين تيار حالت ۾ موجود رهيا. “ايليا انجڪشن (Eylea) جو هڪ ڊوز اڳ ئي لڳايو ويوآهي، جڏهن ته ٻيو ڊوز 25 فيبروري تي ڏنو ويندو.”
پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ نورين وڌيڪ چيو ته ماهرن، جن ۾ ڊاڪٽر خرم مرزا به شامل آهن، موجب وابسمو (Vabysmo) انجڪشن “وڌيڪ طاقتور ۽ اثرائتي” ٿي سگهي ٿي.
“هي راءِ پمز جي سي اي او ۽ ريٽينا اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نديم قريشي تائين پهچائي وئي آهي. پر في الحال ايليا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته مثبت نتيجا ڏٺا پيا وڃن.”
نورين وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته عمران جي علاج جو ايندڙ قدم اينجيوگرام آهي، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر فيصلو ڪندا ته ڇا ليزر علاج ضروري آهي يا نه.
ڇنڇر تي حڪومتي شخصيتن اشارو ڏنو هو ته عمران کي جلد اسپتال منتقل ڪيو ويندو، پر هفتي جي آخر تائين اهڙي ڪا اڳڀرائي نه ٿي.
ايڇ آر سي پي جو ’بلا رڪاوٽ رسائي‘ جو مطالبو
ايڇ آر سي پي، پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل قيدين، خاص طور تي عمران خان ۽ اڳوڻي پنجاب جي صحت واري وزيرياسمين راشد جي بگڙندڙ صحت بابت رپورٽن تي “سخت ڳڻتي” ظاهر ڪئي آهي.
انساني حقن واري اداري گهرو وزارت، پنجاب هوم ڊپارٽمينٽ ۽ جيل اختيارين تي زور ڏنو ته قيدين کي فوري ۽ آزاد طبي معائنن جي اجازت ڏني وڃي ۽ “تجويز ڪيل علاج تائين بنا رڪاوٽ رسائي” يقيني بڻائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو