خان جي قيد جو هڪ سال، پي ٽي آءِ جو وڏو جلسو، آزادي جو مطالبو

خان جي قيد جو هڪ سال، پي ٽي آءِ جو وڏو جلسو، آزادي جو مطالبو

صوابي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي جيل ۾ هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادين سومر تي صوابي ۾ هڪ وڏو پاور شو منعقد ڪري اڳوڻي وزيراعظم جي آزادي جو مطالبو ڪيو. شاهه منصور ٽائون ۾ جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سخت گرمي جي باوجود شرڪت ڪئي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن پارٽي جا جهنڊا ۽ عمران خان جون تصويرون کڻي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندن اڳواڻ کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هنن عمران خان جي آزادي لاءِ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هو اسلام آباد ۽ لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلسا ڪندا. هنن پارٽي جي حمايتين کي چيو ته هو وفاقي حڪومت تي دٻاءُ برقرار رکڻ لاءِ اسلام آباد، لاهور ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ ايندڙ جلسن لاءِ تيار رهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن موجب اسلام آباد ۾ عوامي جلسو آگسٽ جي آخري يا سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ ٿيندو. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن اسان دٻاءُ گهٽايو ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اسان اها ڪوشش وڃائي ويٺا آهيون جنهن لاءِ اسان ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن. بئريسٽر گوهر چيو ته هنن پنهنجي اڳواڻ جي آزادي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي آهي، جنهن کي سندس گهرواري بشرا بي بي سميت ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد ڪيو ويو آهي. هن الزام هڻندي چيو ته وفاقي حڪومت عمران خان جي تصوير ۽ مقبوليت کي خراب ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا پر حڪومت ناڪام رهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عدالتي نظام کي آزاد هجڻ گهرجي ته جيئن عدليه ڊيليور ڪري سگهي، عدالتي ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عمران خان جو چوڻ درست هو ته ”حقيقي آزادي“ جي ضرورت آهي ۽ هنن عمران خان جي ان خيال جي حمايت ڪئي. هن چيو ته هر اداري کي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. جلسي کي خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته هو پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي فوج بابت عمران خان جو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو. عمران خان چيو آهي ته ن ليگ قوم ۽ پاڪ فوج وچ ۾ اختلاف ۽ غلط فهمي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر پي ٽي آءِ قيادت ڀرپور عزم سان اهڙي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي. جلسي کي خطاب ڪندي ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته اسين اسلام آباد ۾ جلسو هر حال ۾ ڪنداسين.ٻئي پاسي واشنگٽن ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو به ڪيو ويو جنهن کي قاسم سوري خطاب ڪندي چيو ته ڪالهه تائين قمر جاويد باجوا سميت سڀ پي ٽي آ3 جي تعريف ڪري رهيا هئا پر اڄ جڏهن جمهوري حق ٿا گهرون ته اسان هنن کي ٺيڪ نٿا لڳون.

پهنجو تبصرو موڪليو