ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪيترن ئي چيلنجن جي باوجود ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي کي جاري رکڻ هڪ اهم ڪم هو. صورتحال ان حد تائين پهچي وئي هئي جو پروجيڪٽ کي معطل ڪرڻ تي غور ڪيو پئي ويو، ڇاڪاڻ ته ان جي لاڳت تمام گهڻي وڌي وئي هئي، مهنگائي وڌي، معيشت مادي جو شڪار ٿي، ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو ۽ سيمينٽ مهانگو ٿي ويو. اهو هڪ اهڙو لمحو هو جڏهن اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل هو ته پروجيڪٽ جاري رکجي يا روڪيو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊ لائن بي آر ٽي جي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو ۽ ٻيا عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.هن چيو ته حڪومت سنڌ اهو فيصلو ڪيو ته هي منصوبو صرف اڄ لاءِ ناهي پر ايندڙ چاليهن کان پنجاهه سالن لاءِ آهي. هي پروجيڪٽ ايندڙ نسلن لاءِ بڻايو پيو وڃي ته جيئن ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ ۽ آبادي کي نظر ۾ رکندي ٽرانسپورٽ ۽ موبلٽي کي بهتر بڻائي سگهجي. اهڙن منصوبن سان ماڻهو مستقبل ۾ آساني سان سفر ڪري سگهندا.شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته هن پروجيڪٽ ۾ 99 سيڪڙو خرچ صرف انفراسٽرڪچر تي ٿين ٿا، جڏهن ته بسن يا رولنگ اسٽاڪ تي گهٽ خرچ ٿئي ٿو. سمورن چيلنجن جي باوجود پروجيڪٽ جاري رهيو ۽ هاڻي ماڻهو ڏسي ساراهه ڪري رهيا آهن ته واقعي ڪم ٿي رهيو آهي. جيڪو ڪم وچ ۾ نه ٿي سگهيو يا جنهن ۾ دير ٿي، اها ڪنهن بدديانتي يا سستي سبب نه پر چيلنجن جي ڪري هئي. حڪومت سنڌ پاڻ هن سڄي پروجيڪٽ جي نگراني ڪري رهي آهي.هن چيو ته عيد کان اڳ ٻنهي طرفن جي روڊن تي موجود مسئلا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جلد ئي ٻنهي پاسن جا رستا بهتر ٿي ويندا. ڪوشش آهي ته سڄو پروجيڪٽ، خاص طور تي يونيورسٽي روڊ وارو علائقو جلد مڪمل ڪيو وڃي. 2.7 ڪلوميٽر جو رستو، جيڪو فور ڪي آگمينٽيشن سبب متاثر ٿيو هو، اهو اپريل تائين مڪمل ٿيندو.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت ڪيترائي ميگا پروجيڪٽس جاري آهن. شارعِ ڀٽو تي ڏنل سهولت مارچ جي آخر يا اپريل جي پهرين هفتي تائين قائد آباد تائين مڪمل ٿي ويندي ۽ بعد ۾ ان کي ايم نائن (M-9) تائين وڌايو ويندو. اها ٽريفڪ جي مسئلن لاءِ هڪ وڏي سهولت هوندي ۽ شهرين لاءِ ٽريفڪ آسان ٿي ويندي.هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪيترن ئي انڊر پاسز تي ڪم جاري آهي ۽ حڪومت سنڌ جي ذريعي ڪي ايم سي پڻ مختلف رستن تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن اندروني رستا بهتر ٿين. ڪراچي جي ترقي لاءِ انتظاميا وڏي پيماني تي محنت ڪري رهي آهي ۽ ميئر پاڻ هر پروجيڪٽ جو دورو ڪري نگراني ڪري رهيو آهي.هن چيو ته شهر جي مختلف چيلنجن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، چاهي اهو هيلٿ سيڪٽر هجي، ٽرانسپورٽ سيڪٽر، ڪي ايم سي يا ٻيا ادارا جهڙوڪ واٽر بورڊ. سمورا ادارا شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سسٽم جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.هن چيو ته ڪجهه ماڻهو مايوسي پکيڙڻ يا سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر حڪومت سنڌ جي نيت صاف آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪوتاهيون ٿيون آهن ته انهن کي تسليم ڪيو وڃي ٿو، پر ٽارگيٽ اهو ئي آهي ته هر حال ۾ پروجيڪٽس مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن شهرين جي زندگي آسان ۽ معياري ٿئي. ٻين ضلعن ۾ پڻ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن ۽ حڪومت سمورا چيلنجز حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ريڊ لائن منصوبو تمام وڏو آهي ۽ ڪجهه اسٽيشنون پڻ بڻجڻيون آهن، جيڪي ڪم جو هڪ اهم حصو آهن. شروعات ۾ چيو ويو ته پهريان ڪوريڊور تيار ڪيو وڃي ته جيئن سڀ کان وڏو چيلنج يعني ٽريفڪ جي سستي ۽ سوڙهن رستن جو مسئلو حل ٿئي. هاڻي ڪوريڊور تيار آهي ۽ آس پاس جي رستن کي پهريان مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن يونيورسٽي روڊ ذريعي ٽريفڪ جي رواني حاصل ٿئي. ترجيح آهي ته اهو حصو مارچ جي آخر تائين مڪمل ٿي وڃي ۽ اپريل ۾ 2.7 ڪلوميٽر وارو حصو، جيڪو واٽر بورڊ جي علائقي مان گذري ٿو، مڪمل ٿئي. ان کان پوءِ مرڪزي ڪوريڊور تان ٽريفڪ آساني سان گذري سگهندي.هن ٻڌايو ته ڪانٽريڪٽرن سان مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويا، جنهن سان حڪومت پئسا بچايا. آسان طريقو اهو به ٿي سگهيو پئي ته بغير سوچڻ سمجهڻ جي ڪانٽريڪٽر جي مرضي مڃي وڃي ها، پر هر شيءِ کي چيڪ ڪيو ويو، ايتري تائين جو ثالثي تائين وياسين ته جيئن شفافيت برقرار رهي ۽ حڪومت جا پئسا بچي سگهن. هاڻي پروجيڪٽ جاري آهي، يونيورسٽي روڊ ۽ جناح ايوينيو جا حصا ٻن کان تن مهينن ۾ مڪمل ٿيندا، جڏهن ته بي آر ٽي جي ڪجهه ڪم ۾ وڌيڪ ڏيڍ سال لڳي سگهي ٿو.هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڪراچي ۾ نيرا رڪشا ڪورٽ جي حڪم تحت هلي رهيا آهن، جڏهن ته بي آر ٽي اسٽيشنن جي نئين ڊيزائننگ پڻ ڪئي وئي آهي. نيون بسون به آنديون پيون وڃن، جن جو ڪسٽم گذريل ٻن مهينن کان روڪيل هو ۽ ان تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.هن چيو ته اميد آهي ته اسان کي به اها ئي ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻي پوندي جيڪا پنجاب حڪومت ڏني. اسان جي شڪايت آهي ته ڪسٽم پاران پنجاب حڪومت کان صرف هڪ سيڪڙو چارج ورتو ويو، جڏهن ته اسان کان ارڙهن سيڪڙو ورتو ويو. بسون ٻن کان تن مهينن کان پورٽ تي موجود آهن ۽ روزانو ان معاملي تي فالو اپ ٿي رهيو آهي. ايف بي آر کي به درخواست ڪئي وئي آهي ته بسن جي ڪيپيسٽي اها ئي آهي جيڪا پنجاب گهرائي هئي. جيڪڏهن اها ئي اسپيسيفيڪيشن آهي ته ايتري رعايت اسان کي به ملڻ گهرجي.هڪ ٻئي سوال تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مون کي خبر ناهي ته عمران خان ڪڏهن آزاد ٿيندو. رمضان جي مبارڪ مهيني ۾ مان سندس صحت ۽ تندرستي لاءِ دعاگو آهيان. جيڪي به ٻيا مسئلا آهن، اهي به حل ٿين. رهائي جو تعلق قانوني نظام ۽ انهن جي اختيار سان آهي. پي ٽي آءِ جي اندر ڪجهه فرد ان معاملي تي گهڻو فوڪس نه ڪري رهيا آهن پر ذاتي ايجنڊا نمايان آهي. بهتر آهي ته پارٽي اڳواڻ رهائي لاءِ گڏيل ۽ اثرائتي ڪوشش ڪن.هن چيو ته سڀ کان وڏو چيلنج سوشل ميڊيا ۽ عوامي سطح تي رويو آهي. پي ٽي آءِ جا حامي ۽ ڪجهه اڳواڻ ادارن ۽ ٻين اڳواڻن تي حملو ڪن ٿا ۽ حد کان گذري وڃن ٿا. جيڪڏهن رويو ۽ لفظن جي چونڊ بهتر هجي ته گهڻي بهتري اچي سگهي ٿي، گار گند ڪرڻ سان نقصان صرف مخالف کي ناهي ٿيندو پر انهن جي خاندانن ۽ ٻارن تائين به پهچي ٿو. ميڊيا اينڪرز ۽ اڳواڻ به ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جيڪي نه صرف غير اخلاقي آهن پر عوامي سطح تي به خراب اثر وجهن ٿيون. زبان ۽ سوچ ۾ اعتدال رکي پارٽي جا مسئلا ڪافي حد تائين حل ۽ عوام جو اعتماد بحال ڪري سگهجي ٿو.هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته گورنر هائوس هڪ آئيني ادارو آهي، جنهن جو ڪم وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي. اتي غير ضروري گڏجاڻيون نه ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته فاروق ستار جو گذريل ٻن تن سالن جو ڪيريئر سڀني جي سامهون آهي. هو هڪ عاجز ماڻهو آهي، ۽ نه خالد مقبول صديقي ۽ نه مصطفيٰ ڪمال کيس قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئا.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان سان ڪيل واعدا صرف واعدا نه پر ٻن پارٽين جي وچ ۾ طئي ٿيل ڳالهيون هيون. اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ڪهڙين ڳالهين تي عمل ٿيو ۽ ڪهڙين تي نه. وفاقي حڪومت کي ان تي غور ڪرڻ گهرجي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ۽ ٻين پليٽ فارمن تي به اهي ئي اصول هجڻ گهرجن. اختلافِ راءِ يا تنقيد ڪري سگهجي ٿي، پر اخلاقيات جي حد نه ٽوڙڻ گهرجي. صرف موضوعي ۽ مناسب ڳالهيون ڪن ۽ ذاتي حملن کان پاسو ڪن. سمورا ڪارڪن پنهنجي اختلافن جي باوجود اڳواڻ سان احترام ۽ محبت سان رهن، ۽ سندن آزادي يا پارٽي لاءِ ڪوشش ڪن، پر گاريون ڏيڻ يا بدتميزي کان بچن.










