لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي خلاف داخل 121 ڪيسن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، قانون واري وزارت، بچاءَ واري سيڪريٽري، ڪابينا ڊويزن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب، اينٽي ڪرپشن، نيب، ايف آءِ اي، وزيراعظم، پيمرا ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ عمران خان جو موقف آهي ته ملڪ ۾ منهنجي خلاف 121 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن، ڪوئيٽا، ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ڪيس داخل آهن، تحريڪ انصاف جي حمايتين کي حراست ۾ ورتو پيو وڃي.نگران صوبائي حڪومت پاران انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون آهن.










