خاص ٻارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪريون پيا:قاسم نويد

خاص ٻارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪريون پيا:قاسم نويد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي جو وزير سيڙپڪاري کاتي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽس بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر چيو آهي ته سنڌ حڪومت پرائيويٽ شعبي سان ملي ڪري خاص ماڻهن ۽ ٻارن جي صحت جي بهتر سار سنڀال، پيشه ورانه ۽ تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوششون ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن دائود پبلڪ اسڪول بهادرآباد جي دوري جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي عمير احمد سي اي او نائو پي ڊي پي، فاطمه جميل جي ايم، وائس چيئرمين ٽي ڊي ايف سبرينا دائود، سي اي او فصيح الدين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. دوري جي دوران سيد قاسم نويد قمر کي خاص ٻارن کي ڏيڻ وارين سهولتن جي باري ۾ آگاهي ڏني وئي، کين ٻڌايو ويو ته دائود ڊولپمينٽ يونٽ اسڪولنگ ۽ پي ڊي جي ذريعي خاص ٻارن کي جسماني، پيشه ورانه ۽ اسپيچ ٿراپي جي خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. ٽي ڊي ايف اسڪول ۾ پارڪس ۾ راندين جي ميدانن جي ضرورت جي باري ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار کي آگاهه ڪيو ۽ وڌيڪ ٻڌايو ته اسڪول انتظاميا اسڪول جي حدن ۾ هڪ اهڙو پارڪ ۽ راند جو ميدان ٺاهڻ چاهن ٿا جنهن سان هر عمر جي خاص ٻارن خاص ڪري ٻار انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. وزيراعليٰ سنڌ جي سيڙپڪاري کاتي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽ بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت تجويز ڪيل پارڪ/راندين جي ميدانن کي قائم ڪرڻ ۾ اسڪول انتظاميا جي مدد ڪندي ۽ اميد آهي ته انهن مان خاص ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو