خاتون اول پاران لياري ۾ قائم اسپتال جو دورو، سهولتن جو جائزو

خاتون اول پاران لياري ۾ قائم اسپتال جو دورو، سهولتن جو جائزو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) خاتونِ اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري لياري ۾ قائم اسپينسر آئي اسپتال جو دورو ڪيو، جنهن کي تازو ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جديد انداز ۾ بحال ڪيو ويو آهي. اسپتال ۾ روزانو لڳ ڀڳ 4,000 مريضن کي او پي ڊي جون سهولتون مڪمل طور تي مفت فراهم ڪيون پيون وڃن. اپريل 2026ع کان هينئر تائين 700 کان وڌيڪ ليزر ۽ ٻيا طبي پروسيجر ڪاميابي سان سرانجام ڏنا ويا آهن.خاتونِ اول اسپتال ۾ فراهم ڪيل مفت ۽ معياري طبي سهولتن جو جائزو ورتو ۽ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ اسپتال جي سموري ٽيم جي عوامي خدمت ۽ پيشاوراڻين خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري ۽ ٻيا پڻ خاتونِ اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو