خاتون اول آصفه ڀٽو جو ابوظهبي آرٽ 2025 جو دورو، نمائشگاهن جو معائنو

خاتون اول آصفه ڀٽو جو ابوظهبي آرٽ 2025 جو دورو، نمائشگاهن جو معائنو

اسلام آباد(پ ر)پاڪستان جي خاتونِ اوّل بي بي آصفه ڀٽو زرداري ابوظهبي آرٽ 2025 جو دورو ڪيو، جتي هن منارت السعديات پهچي ڊپارٽمينٽ آف ڪلچر اينڊ ٽورزم جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جو ڏي وٺ ڪيو۔دوري دوران آصفه ڀٽو زرداري عالمي سطح جي نمائشگاهن ۽ گيلرين جو معائنو ڪيو ۽ فنڪارن، ڪيو ريٽرز ۽ نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن سان گفتگو ڪئي. هن ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته فنونِ لطيفه جو تبادلو معاشرن وچ ۾ هم آهنگي وڌائڻ ۽ ثقافتي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.خاتونِ اوّل وڌيڪ چيو ته ابوظهبي آرٽ سڄي سال جاري بصري فنون جي پروگرامن جو اهم اختتامي موقعو آهي جيڪو جديد ۽ معاصر فنون کي اجاگر ڪري ٿو۔ نمائش ۾ مقامي ۽ بين الاقوامي گيلريون حصو وٺن ٿيون، جتي مختلف آرٽسٽن جا فن پارا پيش ڪيا وڃن ٿا۔

پهنجو تبصرو موڪليو