حڪومتي دعوائون ڌوڙ، لاهور ۾ 20 ڪلو وارو ٿيلهو 2 هزارن ۾ ملڻ لڳو

حڪومتي دعوائون ڌوڙ، لاهور ۾ 20 ڪلو وارو ٿيلهو 2 هزارن ۾ ملڻ لڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي ننڍين مارڪيٽن ۾ 20 ڪلو جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2000 رپين تائين پهچي وئي آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب، 20 ڪلو جي اٽي جي ٿيلهي جي سرڪاري قيمت 1,810 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، پر ان جي باوجود، 20 ڪلو جي اٽي جي ٿيلهي 2,000 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب، ساڳئي طرح، پسيل اٽو پڻ 130 کان 150 رپيا في ڪلوگرام ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ٻئي طرف، ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو جي اٽي جي ٿيلهي 2,300 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو