حڪومت ۽ پيپلز پارٽي ۾ بجيٽ تي مشاورت اڄ ٿيندي

حڪومت ۽ پيپلز پارٽي ۾ بجيٽ تي مشاورت اڄ ٿيندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي بجيٽ تي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ مشاورت اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي، صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي جو وفد حڪومتي وفد سان ملاقات ڪندو.هن اجلاس کان اڳ صدر زرداري پيپلز پارٽي جي مذاڪراتي ٽيم سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري، مراد علي شاهه، نويد قمر ۽ شيري رحمان شريڪ ٿيندا. پيپلز پارٽي جي پنهنجي اجلاس کانپوءِ حڪومتي ٽيم سان ملاقات جو وقت طئي ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت (مرڪز) صوبن کان 1700 ارب رپين جي فنڊن جو تقاضا ڪري رهي آهي. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري مشير رانا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته بجيٽ لاءِ هڪ مخصوص انگ (ٽارگيٽ) تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، جيستائين ان انگ مطابق وسيلا نٿا ملي وڃن، تيستائين بجيٽ ٺاهڻ ۾ مشڪل پيش ايندي. هن چيو ته اميد آهي ته پيپلز پارٽي سان گڏجي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو