اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) وچ ۾ فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ سندن سفارتخانو بند ڪرڻ واري معاملي تي معاهدو ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد، مفتي منيب الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته معاهدي جا تفصيل ايندڙ هفتي پڌرا ڪيا ويندا، هن چيو ته ٽي ايل پي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خان 3 رڪني ڪميٽي جوڙي هئي ۽ هن ڪميٽي کي بااختيار بڻائي اعتماد جو اظهار ڪيو هو. مفتي منيب الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومتي ڪميٽي ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن کي سعد رضوي جي به حمايت حاصل آهي. هن چيو ته مان قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي ڪنهن قوم جي فتح نه پر حب الوطني ۽ انساني جان جي فتح آهي. مفتي منيب الرحمان چيو ته اهي ڳالهيون جبر جي ماحول ۾ نه پر سنگين ماحول ۾ ٿيون، سڀني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته ميڊيا کي مثبت انداز ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ امن امان جي لاءِ جدوجهد ۾ ميڊيا کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته معاهدي جا تفصيل وقت تي سامهون ايندا ۽ توهان کي عملي نتيجا نظر ايندا. مفتي منيب الرحمان چيو ته معاهدي جي نتيجي ۾ ان جي نگراني لاءِ علي محمد خان جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جڏهن ته قانون وارو وزير راجا بشارت، گهرو وزارت جو سيڪريٽري ۽ گهرو وزارت جو صوبائي سيڪريٽري ڪميٽي جا ميمبر هوندا. هن چيو ته ٽي ايل پي مان مفتي غلام غوث بغدادي، انجنيئر حفيظ الله علوي ڪميٽي جا ميمبر هوندا ۽ ڪميٽي اڄ کان ڪم ڪندي. مفتي منيب الرحمان موقف اختيار ڪيو ته معاهدو منجهند ۾ نه ٿيو ۽ شام جو منسوخ ڪيو ويو، طاقت جو استعمال نه ڪرڻ تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان کي يقين ڏياريو ويو آهي ته معاهدي تي لفظ بلفظ عمل ڪيو ويندو. ان کان پوءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عالمن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هنن ملڪ کي آزمائش مان بچايو، قومي سلامتي ڪميٽي ۾ مسئلو حل ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي. هن چيو ته ڳالهين دوران امن ۽ خوشحالي جو رستو مليو، سڀني کي خبر آهي ته انتشار مان پاڪستان کي ڪو به فائدو ناهي. پرڏيهي وزير چيو ته ملڪ کي غير مستحڪم ڪندڙ قوتون ضرور مختلف هونديون.










