ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، اغوا، ڦر ۽ قتل جي وارداتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن وقت نااهل مالهي جي ڪري ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ بدامني جي آڙاهه ۾ ٻري رهي آهي، هاڻي ته موٽروي ۽ روڊ رستا به محفوظ ناهن رهيا. گهوٽڪي لڳ موٽروي تي هٿياربندن هٿان مسافر گاڏين کان ڦرلُٽ سميت چيف آف ڪلپر جلال اڪبر جي پٽ جو قتل توڙي ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جو واقعو سنڌ حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي. هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته ميڊيا رپورٽن موجب صرف هڪ ضلعي گهوٽڪي ۾ مغوين جو تعداد18 ٿي ويو آهي. سڄي سنڌ ۾ اها صورتحال ۽ عوام عدم تحفظ جوشڪار آهي، نگران حڪومت توڙي آءِ جي سنڌ پوليس شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهن. عملي طور سنڌ تي ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن جو راڄ آهي. هن گهر ڪئي ته حڪومت گهوٽڪي موٽروي واقعي جو نوٽيس توڙي ملوث ڏوهارين کي پڪڙي عبرت ناڪ سزا ۽ شهرين جي جان مال جي حفاظت لاءِ اثرائتا اُپاءُ کنيا وڃن.










