حڪومت اڪثريت راءِ سان بجٽ منظور ڪرائي ورتي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي حڪومت مالي سال

-212020 لاءِ وفاقي بجٽ قومي اسمبلي مان اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتي. اپوزيشن رسمي مخالفت ڪندي نامنظور نامنظور جا نعرا به هنيا پر حڪومتي ميمبرن جي اڪثريت سبب بجٽ آساني سان منظور ٿي وئي. اپيڪر اسد قيصر جي صدارت م ٿيل ڪاروائي دوران جڏهن وزيراعظم ايوان ۾ آيو ته حڪومتي ميمبرن زوڳردار نموني ڊيسڪ وڄائي سندس آڌر ڀاءَ ڪيو. فنانس بلڪ جي شق وار منظوري دوران جڏهن شق 9 تي ووٽنگ ٿي ته حڪومت جي حق ۾ 160 ۽ اپوزيشن کي 119 ووٽ مليا. حڪومت جي اڪثريت سبب بعد ۾ اپوزيشن چپ ڪئي ۽ بلاول ڀٽو جي موجودگي ۾ بجٽ منظور ٿي وئي. ڪجهه ڏينهن کان بلاول اپوزيشن جي سڀني جماعتن سان رابطا ڪري رهيو هو ۽ بظاهر تاثر ڏئي رهيا هئ ته هو بجٽ منظوري ۾ رڪاوٽ بڻبا پر اهڙو ڪجهه عملي طور نظر نه آيو. شايد اهوئي سبب هو ته اسد عمر ٽوئٽ ۾ چيو ته سنسني ڦهلائيندڙن کي مايوسي ٿي. هن پي ٽي آءِ وارن کي مبارڪ به ڏني. اجلاس دوران مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسد الرحمان علي امين گنڊاپور ۾ هڪٻئي جي ڪردار بابت گرما گرمي به ٿي. بلاول ڪورونا جي حوالي سان وزيراعظم کي نشانو بڻايو ته خواجا آصف تيل جي اگهن ۾ واڌ تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ کان روڪن لاءِ پي ٽي آءِ کي هٽائڻوپوندو. بجٽ پيش ڪندڙ صنعتن جي وزير ميان اظهر جي پٽ حماد اظهر چيو ته اپوزيشن وٽ بجٽ تي ڳالهائڻ لاءِ ڪو مواد نه هو تڏهن ٻين معاملن تي ڳالهايو. ياد رهي ته 12 جون تي حڪومت ڪورونا متاثر بجٽ پيش ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ڪا به نئين ٽيڪس لاڳو ناهي ڪئي وئي. سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ ڪو اضافو نه ڪيو ويو هو. 7130 ارب جي بجٽ م 1290 ارب روپيا دفاع لاءِ رکيس ويا هئا. جڏهن ته 650 ارب روپيا ترقياتي ڪمن لاءِ رکيا ويا هئا. ٽيڪس وصولي جو ٽارگٽ 4950 ارب مقرر ڪيو ويو آهي. هن حڪومت وڏي ۾ وڏو ڪارنامو تجارتي خسارو  گهٽ ڪرڻ ڄاڻايو هو جيڪو هاڻي 3 ارب ڊالر کان به گهٽ آهي. ياد رهي ته ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ۾ فرق کي تجارتي خسارو چيو ويندو آهي ۽ ڪورونا سبب دنيا ڀي جو واپار متاثر ٿيو آهي جنهن کي حڪومت ڪاميابي پئي ڄاڻائي.

پهنجو تبصرو موڪليو