حڪمران پرسڪون زندگي گذارين پيا، عوام پريشان آهي: مگسي

حڪمران پرسڪون زندگي گذارين پيا، عوام پريشان آهي: مگسي

حيدرآباد(ن سنڌيار) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ملڪ جي حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين، ڪرپشن ۽ لُٽ مار سبب ملڪ هن وقت معاشي ۽ سياسي بحرانن ۾ آهي، ملڪ جي مھانگائي سبب غريب مسڪين ۽ وچولي طبقي جو ماڻهو سخت پريشان آهي، عوام کي زندگي جون ٻيون سهولتون ته پري پر هاڻي جئيڻ جي لاءِ ماني جو ڳڀو به ملڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪومت ملڪ اندر مھانگائي جو طوفان آڻي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، موجوده حڪومت عوام جو معاشي قتل عام ڪيو آهي. هن چيو ته ملڪ کي آئي ايم ايف وٽ گروي رکيو ويو آهي ۽ آئي ايم ايف جي مرضي سان عوام مٿان مھانگائي جو جبل ڪيرايو ويو آهي، تيل، بجلي ۽ روزہ مره جي استعمال جي شين جي اگهن ۾ واڌ سان هيٺيون طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آهي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪمران پنهنجا خرچ گهٽائڻ بدران پنهنجون ٽجوڙيون ڀري رهيا آهن، حڪمران پنهنجي ڪيل ڪرپشن ۽ لُٽ مار سان پيدا ٿيل کوٽ کي عوام جو رت چوسي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، حڪمران پنهنجي پرسڪون زندگي گذاري رهيا آهن، انهن کي عوام جو ڪوبه فڪر ناهي انڪري اهي ان قسم جا عوام دشمن فيصلا ڪري رهيا آهن ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته هن ملڪ تي جيستائين جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو راڄ رهندو تيستائين ان قسم جا فيصلا عوام مٿان بمن جيان ڪرندا رهندا، عوام کي متحد ٿي بنا ڪنهن فرق جي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻو پوندو ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جو گهيراوُ ڪرڻو پوندو، حڪمرانن جي اهڙن عوام دشمن فيصلن خلاف عوام کي روڊن رستن تي اچي احتجاج ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي تيل ۽ بجلي سميت روزمره جا اگهه وڌائڻ وارن فيصلن کي عوام دشمن فيصلا سمجهندي رد ڪري ٿي ۽ اهڙن عوام دشمن فيصلن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو، مھانگائي ۽ ڪرپشن خلاف جلد احتجاجي تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ صلاح مشورا هلي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو