حڪمران اتحاد ڪاغذ واپس وٺڻ جو فيصو ناهي ڪيو:مريم اورنگزيب

حڪمران اتحاد ڪاغذ واپس وٺڻ جو فيصو ناهي ڪيو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد)(ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ حڪمران پارٽين جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ بابت افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي.هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته حڪمران اتحادي پارٽين جي قيادت اهڙو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو.هن چيو ته اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽيون سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون چاهين ٿيون پر ڪاغذ واپس وٺڻ جون خبرون بي بنياد ۽ من گھڙت آهن.هن ميڊيا تي پڻ زور ڏنو ته اهڙيون خبرون شايع ڪرڻ کان اڳ پارٽي جي ترجمانن کان تصديق ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو