حيدرآباد: نوراني بستي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا

حيدرآباد: نوراني بستي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا

حيدرآباد:(ن س) حيدرآباد ۾ پڃاري ٿاڻي جي حد نوراني بستي ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.حيدرآباد جي علائقي مصطفيٰ پارڪ جي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ شروع ٿي وئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن جي سڃاڻپ آصف گوري عرف چينا ۽ زبير قريشي عرف زوبي طور ٿي آھي، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف وحراس واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي.مارجي ويل نوجوانن جي وارثن الزام ھڻندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ايم پي اي ناصر قريشي اسان جي نوجوانن کي قتل ڪرايو آهي، واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو