حماد اظهر ۽ اسد قيصر جي ضمانت منظور،گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

حماد اظهر ۽ اسد قيصر جي ضمانت منظور،گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جي 5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت حماد اظهر کي 11 ڏينهن ۾ مقامي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به پوليس کي اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. عدالت پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي حوالي سان داخل ڪيسن ۾ ٻنهي اڳواڻن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو