حسن علي هيٽ ٽرڪ سميت 6 وڪيٽون وٺي ويو

حسن علي هيٽ ٽرڪ سميت 6 وڪيٽون وٺي ويو

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) تازو قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ فاسٽ بالر حسن علي وائٽلٽي بلاسٽ جي ميچ ۾ نه رڳو هيٽ ٽرڪ ڪئي پر 6 وڪيٽون وٺي ويو. برمنگهم ۾ برمنگهم بيئرز جي نمائندگي ڪندي حسن علي مخالف ٽيم ڊربي شائر فالڪنز جي 6 رانديگرن کي پويلين موٽايو. ميچ ۾ حسن علي 3.1 اوورن ۾ 23 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون، جنهن ۾ هڪ هيٽ ٽرڪ به شامل هئي. قومي ٽيم جي فاسٽ بالر ڊيوڊ لائيڊ، مارٽن اينڊرسن، راس وائٽلي، اليڪس ٿامسن، بين ايچي سن ۽ پيٽ برائون کي آئوٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو