ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ حريم شاهه سڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.حريم شاهه پنهنجي مڙس بلال شاهه سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتي، جتي هنن پنهنجي وڪيل ذريعي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي.حريم شاهه درخواست ۾ آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ته سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي ڌمڪيون مليون آهن.جسٽس آفتاب احمد گرڙ تي ٻڌل سنگل بينچ حريم شاهه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.










