حددخليون روڊ رستا سوڙها، بااثر جا قبضا،حد دخلين سبب ٽرئفڪ جام جو آزار

حددخليون روڊ رستا سوڙها، بااثر جا قبضا،حد دخلين سبب ٽرئفڪ جام جو آزار

سرحد (ن س) سرحد ۾ حددخليون روڊ رستا سوڙها، مختلف هنڌن تي بااثر ماڻهن سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪري ورتا، حد دخلين سبب ٽرئفڪ جام جو آزار، عوام جو پنڌ هلڻ به مشڪل بڻجي ويو،انتظاميه ڪو به تحرڪ نه ورتو ، سڃاڻ ڌرين ۾ تاءُ، احتجاج جو چتاءُ، تفصيل موجب سرحد ،شھر ۾ حددخلين جو آزار وڌي ويو آهي جڏهن ته بااثر ماڻهن سرڪاري مڪليتن تي قبضا ڄمائي ورتا آهن حدخلين سبب ٽرئفڪ جام رهڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي عوام جو پنڌ هلڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي ان ڏس ۾ جي ٽي روڊ، محمد شاهه روڊ ،شاهي بازار، اسٽيشن روڊ بس اسٽاپ ۽ ٻين هنڌن تي حددخليون وڌي ويون آهن بااثرن ماڻهن سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪري ورتا آهن وک وک تي دڪانن اڳيان ريڙها صندل لڳائي انهن کان دڪاندارن پاران ڪرايو وصول ڪيو پيو وڃي، جنھن سبب روڊ رستا سوڙها ھجڻ ڪري ٽرئفڪ جام رهڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي ۽ ڪلاڪ جا ڪلاڪ گاڏيون جام ٿي وڃن ٿيون عوام جو پنڌ هلڻ به مشڪل بڻجي ويو جڏهن ته انتظاميا پاران حددخليون ختم ڪرڻ ۽ بااثرن جا قبضا هٽائڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا آهن جنهن ڪري هتان جي جي سياسي سماجي ڌرين ۾ تاءُ پکڙيل آهي ان سلسلي ۾ حاجي اعجاز احمد ڀٽي حاجي محمد مھر بابر مھر، ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته انتظاميه جي لاپرواهي سبب شهر ۾ حددخليون وڌي ويون آهن وک وک تي بااثر ماڻهن قبضا ڄمائي ورتا آهن حددخلين سبب ٽرئفڪ جام جو آزار وڌي ويو آهي عام ماڻهوءَ جو پنڌ هلڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي اسان ڪيترائي ڀيرا يوسي سڪيرٽري عمر ڊھو دلبر مھر ۽ايڊمنيسٽيٽر اعجاز احمد ملھ کي ميڊيا ذريعي انتظاميه کي حددخلين بابت شڪايت ڪئي آهي پر ڊي سي گھوٽڪي ۽مختيار ڪار سميت ڪوب نوٽس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي هنن چتاءُ ڏيندي چيوته بنا دير حددخليون ختم ڪرائي سرحد شھر کي صاف سٿرو ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو