حد دخلين جي اوٽ ۾ گهر مسمار نه ڪريو، احتجاج

حد دخلين جي اوٽ ۾ گهر مسمار نه ڪريو، احتجاج

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)شھر جي مسجد محلي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن ۽ ٽائون ڪاميٽي جي عملي طرفان غوثپور مائنر جي آسپاس ۾ رھندڙ شھرين کي گھر خالي ڪري ڏيڻ جي چتاء کانپو۽ اڄ متاثرن سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽي پنھنجي گھرن ٻاھران ڪئمپ ھڻي سخت احتجاج ڪيو۔ ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻن برڪت ملڪ۔ حبيب الله ملڪ۔ حبيب الله اوڳاھي۔ جي يو آ۽ اڳواڻ ثناءالله اوڳاھي۔ ايس ٽي پي اڳواڻ شيرزمان بجاراڻي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته گذريل ڪجھ عرصي کان آبپاشي عملي ۽ ٽائون انتظاميه اسانجو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي۔ ھر ھفتي ڪڏھين زباني ۽ ڪڏھين نوٽيسن ذريعي اسان کي ڌمڪيون ملن ٿيون ته گھر خالي ڪري ھليا وڃو۔ آخر اسان وڃون ته ڪيڏانھن وڃون ؟ ڇو ناحق اسان غريبن ۽ مسڪينن جي اجھن کي ڊاھڻ جون ڌمڪيون ملن ٿيون۔ متاثرن جي سخت احتجاج کانپو۽ انڪروچمينٽ جو عملو واپس ھليو ويو۔ ٻئي پاسي شھر جي سياسي سماجي ڌرين ڊي سي ڪشمور ۽ علائقي جي چونڊيل ميمبرن  کان مطالبو ڪيو آھي ته گھرن ڊاھڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي يا متاثرن کي متبادل جڳھ فراھم ڪري کين دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو