وڏي ڪاميابي توحيد آهي، الله صبر ڪندڙن کي دوست رکندو آهي

وڏي ڪاميابي توحيد آهي، الله صبر ڪندڙن کي دوست رکندو آهي

مڪه شريف: ( ويب ڊيسڪ ) مڪي شريف ۾ سموري دنيا مان لکين مسلمان جمع ٿيا جتي انهن حج جو خطبو ٻڌو. تفصيل موجب لکين جي تعداد ۾ حاجي سڳورا عرفات جي ميدان ۾ جمع ٿيا جتي شيخ ڊاڪٽر علي بن عبدالرحمان الحذيفي حج جو خطبو ڏنو.
مسجد نمره ۾ الله جي حمد ثنا ۽ رسول صلي الله عليه وآله وسلم تي درود شريف پڙهڻ کان پوءِ حج جو خطبو ڏيندي هن چيو ته الله حج کي فرض بنايو آهي. رب کان سواءِ ڪنهن جي سعادت نه ڪريو، تقويٰ اختيار ڪريو ۽ صرف الله کان ڊڄو. هن وڌيڪ چيو ته قيامت جو زلزلو انتهائي شديد آهي، جڏهن ته آخرت جي سڀني کان وڏي ڪاميابي توحيد آهي، جيڪي ماڻهو شرڪ ۽ ڪفر ڪندا آهن اهي اهڙين شين کي سڏيندا آهن جيڪي ڪنهن به نفعي نقصان جو اختيار نٿا رکن. شيخ ڊاڪٽر علي بن عبدالرحمان الحذيفي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪو الله کان ڊڄي ٿو انهي لاءِ الله جنت رکي آهي الله صبر ڪندڙن کي پسند فرمائيندو آهي. مسلمان کي ڪنهن به مشڪل ۾ صبر نه ڇڏڻ گهرجي، صبر وارن جي لاءِ الله تعاليٰ اجر عظيم جو واعدو ڪيو آهي.
حج جي خطبي ۾ امام مسجد نبوي عبدالرحمان الحذيفي جو چوڻ هو ته توحيد تي عمل ڪرڻ ايمان جو حصو آهي ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم الله جو آخري رسول آهي. الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي انهي جي نعمتن مان فائدو کڻو، جن قومن ظلم ڪيو ۽ ناشڪري ڪئي انهن کان نعمتون ڦريون ويون. امام مسجد نبوي حج جي خطبي ۾ اهو به چيو ته هميشه سچ ڳالهايو، غلط بياني کان پاسو ڪريو، حاجي سڳورا نماز قائم ڪن، الله تعاليٰ جي ذڪر ۽ عبادت ۾ مصروف رهن، هر وقت مغفرت جي دعا ڪندا رهن. هن چيو ته الله ۽ بندي جو تعلق نجات جو ذريعو آهي، اي ايمان وارو پنهنجي رب سان جڙيل رهو، حج جي دوران ڪنهن به قسم جي جهيڙي کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به اهڙي عمل کان پاسو ڪريو جنهن سان وحدت کي نقصان پهچي، الله تعاليٰ مسلمانن جي حالتن تي رحم فرمائي.
امام عبدالرحمان الحذيفي جو چوڻ هو ته حاجي سڳورا مناسڪ حج بهترين طريقي سان ادا ڪن، الله تعاليٰ ئي دعائون قبول ڪندڙ ۽ گناهن کي معاف ڪرڻ وارو آهي. الله تعاليٰ اسان جا اعمال قبول فرمائي ۽ مسلمانن کي هدايت عطا فرمائي. لکين حاجي سڳورن عرفات جي ميدان ۾ حج جو خطبو ٻڌو، حج جي خطبي ۾ مسلمانن جي مسئلن جي حل لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، حج جي خطبي کان پوءِ مسجد نمره ۾ ظهر ۽ عصر جون نماز گڏ ادا ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو