حادثي ۾ 4 فوت 2 زخمي، ڪشماله طارق جو مڙس گرفتار

حادثي ۾ 4 فوت 2 زخمي، ڪشماله طارق جو مڙس گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڪشمير هاءِ وي تي  ٿيل روڊ حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، پوليس وفاقي محتسب ڪشمالا طارق جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اکين ڏٺن شاهدن  جو چوڻ آهي ته  حادثو جي اليون سگنل تي پروٽوڪول ۾ ويندڙ 5 گاڏين پاران سگنل ٽوڙڻ سبب پيش آيو. هڪ  فور ويلر گاڏِي ننڍي گاڏيءَ ۽ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن سبب امير، شڪيل ، فاروق  ۽ حيدرعلي سميت چار ڄڻا فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، گاڏين ۾ وفاقي محتسب ڪشمالا طارق جو مڙس ۽ پٽ به موجود هئا. پوليس ڪشمالا طارق جي مڙس وقاص خان کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس ڊرائيور کي  به گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو