حاجين جي وطن واپسيءَ شروع، پهرين اڏام اسلام آباد پهچي وئي

حاجين جي وطن واپسيءَ شروع، پهرين اڏام اسلام آباد پهچي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حجاج ڪرام جي وطن واپسيءَ جو عمل شروع ٿي ويو، پهرين حج اڏام پي ڪي 742 ذريعي 114 مسافر جدي کان اسلام آباد پهچي ويا.چيف آپريٽنگ آفيسر اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ آفتاب گيلاني حجاج ڪرام جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (ASF) ۽ پي آئي اي جا اعليٰ عهديدار پڻ موجود هئا.ٻي حج اڏام پي ڪي 732 جدي کان روانو ٿيندي ۽ لاهور پهچندي، ڪراچي جي پهرين حج اڏام پي ڪي 860، جدي کان اڄ روانو ٿيندي ۽ شام جو 7 وڳي 25 منٽن تي پهچندي.ترجمان موجب، پي آئي اي جو حج آپريشن 30 مئي کان 30 جون تائين جاري رهندو. پي آئي اي جدي ۽ مديني منوري کان اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، فيصل آباد، ملتان، سيالڪوٽ ۽ ڪوئٽه لاءِ پروازون آپريٽ ڪندي. پي آئي اي حج کانپوءِ واري آپريشن (بعد از حج آپريشن) ۾ ڪل 213 پروازون آپريٽ ڪندي، جن جي ذريعي 53 هزارن کان وڌيڪ حجاج ڪرام وطن واپس پهچندا.پي آئي اي حجاج ڪرام جي خدمت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ آپريشن جي نگراني پي آئي اي جو سي اي او (CEO) ڪري رهيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو