جڊيشل ڪمپليڪس آپگهاتي حملي جا اهم ثبوت ملي ويا

جڊيشل ڪمپليڪس آپگهاتي حملي جا اهم ثبوت ملي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد جي ٻاهران ٿيل ڌماڪي ۾ ملوث خودڪش بمبار جي مددگارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انٽيليجنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي دوران ٽي ٽي پي، فتنه الخوارج جي دهشتگرد سيل جا 4 ساٿي پڪڙيا ويا آهن. انٽيليجنس ذريعن موجب ٽي ٽي پي ڪمانڊر سعيدالرحمان عرف “داد الله” ٽيليگرام ايپ ذريعي رابطو ڪري اسلام آباد ۾ خودڪش حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جاچ دوران خودڪش حملو ڪندڙ جي هينڊلر ساجدالله عرف “شينا” اعتراف ڪري ورتو. دادالله، ساجدالله عرف “شينا” کي خودڪش بمبار عثمان عرف “قاري” جون تصويرون به موڪليون ته جيئن هو کيس پاڪستان اندر وصول ڪري. خودڪش بمبار عثمان عرف “قاري” شينواري قبيلي سان تعلق رکي ٿو هو ۽ ننگرهار، افغانستان جو رهواسي هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ موجود ٽي ٽي پي، فتنه الخوارج جي ڪمانڊر دادالله جي هدايت تي ساجدالله عرف “شينا” پشاور مان خودڪش جيڪٽ حاصل ڪئي ۽ ان کي اسلام آباد تائين پهچايو۔ ڌماڪي واري ڏينهن ساجدالله، خودڪش بمبار عثمان عرف “قاري” کي خودڪش جيڪٽ پارائي روانو ڪيو هو. ٽي ٽي پي جي افغانستان ۾ موجود اعلى قيادت هر قدم تي هن نيٽ ورڪ جي رهنمائي ڪري رهي هئي. ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ضلعي ڪچهري جي ٻاهران ٿيل خودڪش ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 30 زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو