جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط

جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور علي شاهه هڪ ٻيو خط لکيو.جسٽس منصور علي شاهه جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئيني بئنچ لاءِ ججن جي مقرري لاءِ ضابطا اخلاق هجڻ گهرجن.خط ۾ چيو ويو آهي ته آئيني بينچ ۾ ججن جي تعداد جو به ميڪنزم ٺاهڻ ضروري آهي، آئيني بينچ ۾ ججن جي شموليت جو اندازو لڳايو وڃي.جسٽس منصور علي شاهه جي خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪهڙي جج آئيني تشريح سان ڪيترا فيصلا لکيا.اهو اندازو ٿي سگهي ٿو، ڪميشن ڪا به ماپ مقرر ڪرڻ کانسواءِ سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جوڙي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو