جيڪو قانون اڃا نه آيو آهي ان جو فيصلو عدليه ڪيو:ملڪ

جيڪو قانون اڃا نه آيو آهي ان جو فيصلو عدليه ڪيو:ملڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته عدليه اهو فيصلو ڏنو جيڪو اڃا تائين ناهي آيو، فيصلي مان لڳي ٿو ته ضرورت جو نئون نظريو اچي ويو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته عدليه جيڪڏهن آئين ٺاهڻ چاهي ٿي ته پارليامينٽ ۾ اچي.مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته آئين ۾ اهو واضح ناهي ته سمورين اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿينديون.مصدق ملڪ چيو ته عدليه جي چئن ججن چيو ته چونڊن بابت سوموٽو نٿو وٺي سگهجي، ٻن ججن لکيو ته اهو چار ۽ ٽن جو فيصلو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو