جيستائين جيئرو آهيان چورن خلاف جنگ جاري رکندس: عمران

جيستائين جيئرو آهيان چورن خلاف جنگ جاري رکندس: عمران

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته جيستائين جيئرو آهيان تيستائين قوم جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکندس. جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته اسان سياست نه پر ڪرپشن ڪندڙ چورن خلاف جهاد ڪري رهيا آهيون، جيستائين زندگي آهي قوم جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکندس.عمران خان وڌيڪ چيو ته ملڪ جو ناڻو چوري ڪندڙن خلاف جنگ جاري رهندي، قوم کي هڪ ڏينهن اهڙن اڳواڻن کان نجات ضرور ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو